چِٽو 1

چِٽو 1 (مڇيءَ جو قسم): چِٽو مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو ڍنڍن جي مٺي پاڻيءَ تي پروان چڙهندي آهي، هن جو رنگ اڇن، ڪارن دٻڪن سان ’چٽڪمرو‘ ٿيندو آهي ۽ ان جي شڪل نانگ وانگر هوندي آهي ۽ وزن ٻن کان ٽن ڪلوگرامن تائين ٿئي ٿو. هيءَ مڇي اڪثر وڏي پاڻي، تلائن ۽ ڍنڍن ۾ ٿيندي آهي. ڪيترا ماڻهو هن مڇيءَ جي جي ذائقي کي پسند ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو